اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي وزيراعظم پاران 11 سالن کان پوءِ شنگهائي سهڪار تنظيم جي موقعي تي پاڪستان ??و دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي هڪ اهم علامت آهي، اهو دورو پاڪستان ۽ چين جي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيندو ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌائڻ جو موقعو فراهم ڪندو. پلاننگ ڪميشن جي اختيارين مطابق چين جو وزيراعظم 11 سالن کان پوءِ پاڪستان ??و دورو ڪندو ۽ پاڪستان چين وچ ۾ گڏيل لاڳاپن تي ڳالهيون ڪندو. ان کان اڳ چين جي وزيراعظم 2013ع ۾ پاڪستان ??و دورو ڪيو هو. ان دوري دوران ڪيترن ئي اهم معاملن تي ڳالهيون، اقتصادي سهڪار ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت جاري منصوبن جو جائزو ورتو ويندو. واپار ۽ سيڙپڪاري واپاري ل??ڳاپن کي ا??ا به اڳتي وڌائڻ ۽ چين طرفان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون ته جيئن ٻنهي معيشتن کي فائدو پهچي. تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي شعبن ۾ به سهڪار وڌائڻ جا معا??دا پڻ متوقع آهن، جيڪي عوامي سطح تي ٻنهي ملڪن جي ل??ڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. چين جي وزيراعظم جو اهو دورو بنهي ملڪن وچ ۾ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي هڪ نئين جدت ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو آهي.