اسلام آباد ??? 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ا??غا??ستان جي پرڏيهي وزارت جي بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي ان کي واضح طور تي رد ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ا??غا??ستان جو بيان پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ ناقابل قبول ۽ مذمت جوڳي مداخلت آهي. هن چيو ته ا??غا??ستان جي عبوري حڪومت کي هڪ جمهوري ملڪ تي ليڪچر ڏيڻ بدران پنهنجا ملڪي مسئلا پاڻ حل ڪرڻ، شموليت کي ترجيح ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ مذهب جي گمراهه ڪندڙ تشريح بدران عورتن ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي حق سميت پنهنجي ماڻهن جي ضرورتن ۽ خواهشن جي ل??ءِ جوابده ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته ا??غا??ستان جي عبوري حڪومت کي دهشتگرد گروپن کي جڳهه ڏيڻ کان ان??ار ڪندي عالمي برادري سان ڪيل واعدن کي به پورو ڪرڻ گهرجي جيڪي پاڙيسري ملڪن ۾ ا??ن ۽ سلامتي کي شديد خطرن ۾ وجهي رهيا آهن ۽ اهو ته ان کي ا??غا??ستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي دهشتگردي جو مرڪز ٺاهڻ کان روڪڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ ا??ن، ڳالهين ۽ تعاون جي ل??ءِ پرعزم آهي ۽ ا??غا??ستان سميت سمورين رياستن کان اها اميد رکي ٿو ته اهي ذميواراڻو عالمي طرز عمل ۽ بين الرياستي لاڳاپن جي بنيادي اصولن جي پاسداري ڪندا.