اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار واري وفا??ي وزير رانا تنوير حسين چيو ته روس فرٽيلائيزر پلانٽس کي ج??يد بڻائڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو، پاڪستان روس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پاڪستان ۾ روس جي سفير البرٽ پي خوريو سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزارت جي ترجمان موجب پاڪستان ۽ روس فرٽيلائيزر پلانٽس کي ج??يد بنائڻ ۽ زرعي تعاون تي مفاهمت جي يادداشت تي صحيحيون ڪندا. ملاقات ۾ صنعتي، زرعي ۽ اقتصادي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفا??ي وزير چيو ته روس سان واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته زرعي پيداوار وڌا??ڻ لاءِ ج??يد زرعي مشينري جي ضرورت آهي، روس جي سيڙپڪارن کي ملڪ ۾ سهولت فراهم ڪئي ويندي. روس جي سفير چيو ته روس پاڪستان کي ج??يد زرعي مشينري فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان مان زرعي ماهر روس جو دؤرو ڪن.