اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاق?? وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته موٽر وي?? ۽ هاءِ وي?? جي سروس ايرياز ۾ شيون مهانگيون ٿيڻ جو نوٽيس ورتو وڃي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ موٽر وي?? ۽ هاءِ وي?? جي سروسز ايرياز ۾ کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿيڻ جي معاملي تي آسيه ناز تنولي جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي وفاق?? وزير عبدالعليم خان ايوان کي ٻڌايو ته اها حقيقت آهي ته انهن ايرياز ۾ اگهه وڌيڪ آهن، پرائيس چيڪنگ اختيار ضلعي ۽ صوبائي انتظاميه جو آهي، وزارت ضلعي انتظاميه جي سهڪار سان چيڪنگ پڻ ڪئي آهي. هن چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته سروسز ايرياز ۾ شين جا اگهه ۽ معيار معمول موجب هجي ۽ ان حوالي سان قدم ک??يا ويندا. زهره ودود فاطمي جي سوال تي هن چيو ته چيڪنگ جا اختيار مقامي ميجسٽريٽ وٽ هوندا آهن، جيڪڏهن انهن ايرياز ۾ معيار موجب شيون نه هونديون ته انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي، اگهن کي معمول تي آڻڻ لاءِ قدم ک??يا ويندا. وفاق?? وزير چيو ته انهن ايرياز ۾ هاڻي برانڊز پنهنجا آئوٽ ليٽس کوليا آهن، ابرابر احمد جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ضلعي انتظاميه سميت وزارت پڻ چيڪنگ جي حوالي سان هڪ طريقيڪار تيار ڪندي، هن چيو ته جي ٽي روڊ جي حالت صحيح ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.