لاهور -11 آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پا?? فوج جا آفيسر۽ جوان پاڪستان جي سر زمين کي دهشتگردن کان پاڪ ڪري رهيا آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم پا?? فوج سان گڏ آهي، وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پڌرائي مطابق وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ڪجهه ڏينهن پهرين تيراه وادي ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ۾ زخمي ٿيل ليفٽيننٽ عزير محمود ملڪ جي شهادت تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي، شهيد جي بلند درجن ۽ پونئرن لاءِ ص??ر جي دعا ڪئي، وزيرا??ظم چيو ته ليفٽننٽ عزير محمود ملڪ جوانن جي قيادت ڪندي 4 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته پا?? فوج جا آفيسر۽ جوان پاڪستان جي سر زمين کي دهشتگردن کان پاڪ ڪري رهيا آهن، مون سميت سڄي قوم پا?? فوج جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. وزيرا??ظم چيو ته اسان جا شهيد ۽ انهن جا وارث سڄي قوم جو فخر آهن.