اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت ۽ اسرائيل کي ??شم??رين ۽ فلسطينين کي انهن جو بنيادي حق ڏيڻو پ??ندو، ڳالهه ٻولهه سان ئي سمورا تڪرار حل ڪري سگهجن ٿا، ??شم??رين جي آزادي تائين هر فورم تي انهن جي حمايت جاري رکنداسين، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ??شم??رين جو رت رنگ لائيندو، ڀارت کي ان حقيقت جو ادراڪ آهي ته هو پاڪستان سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهه نٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??شم??ر استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي وڊيو لنڪ جي ذريعي ??شم??ر قانونساز اسيمبلي جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. و??ير??عظم چيو ته 77 سال اڳ آگسٽ جي مهيني ۾ قائداعظم جي عظيم قيادت ۽ لکين مسلمانن جي عظيم قربانين سان پاڪستان وجود ۾ آيو هو. اڄ پاڪستان جي عوام سبز هلالي جهنڊي هيٺ پنهنجي زندگي گذاري رهي آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي حڪومت غاصباڻي طور تي پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر جي عوام جي حقن کي کسي ورتو ۽ آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جو خاتمو ڪري ??شم??ر ۾ غيررياستي ماڻهن کي آباد ٿيڻ جو قانوني حق ڏنو ويو. انهن کي اتان جي رهواسين جي ملڪيتن جي جبري طور خريداري جو حق پڻ ڏنو ويو. هن چيو ته هي اهو ظالماڻو قدم آهي جيڪو لاڳيتو آزادي جو حق گهرندڙ لکين ??شم??رين سان گذريل 77 سالن کان رکيو ويو آهي. هن چيو ته قائداعظم ??شم??ر کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو. جيستائين ??شم??ر آزاد نه ٿو ٿئي، جيستائين انهن کي بنيادي حق ملي نه ٿا وڃن، پاڪستان ??شم??رين جي اخلاقي مدد جاري رکندو ۽ عالمي فورمز جا دروازا کڙڪائيندو رهندو. اهو وقت جلد ايندو جڏهن ??شم??ري ڀارت جي غاصباڻي قبضي کان آزاد ٿي ويندا. و??ير??عظم چيو ته 77 سال گذري وڃڻ جي باوجود ??شم??ر جي واديءَ هزارين ??شم??رين جي رت سان ڳاڙهي آهي ۽ انهن تي ظلم جا جبل ٽوڙيا ويا انهن جو داستان دنيا آڏو آهي. و??ير??عظم چيو ته اڄ 5 آگسٽ تي اسان پنهنجي ??شم??ري ڀائرن کي سلام عقيدت پيش ڪريون ٿا، انهن جي عظيم جدوجهد جو داستان پيش ڪريون ٿا. ??شم??ر ڪاز جي لاءِ جن لکين ??شم??رين پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا اسان انهن کي ساراهيون ٿا ۽ واعدو ڪريون ٿا ته انهن قربانين کي وساريو نه ويندو ۽ نه رائيگان وينديون. هن چيو ته اسان چوڌري غلام عباس، سردار ابراهيم خان، مير واعظ محمد يوسف شاهه، سيد علي گيلاني، محمد اشرف صحرائي، الطاف احمد شاهه، مولانا عباس انصاري ۽ انهن سمورن بزرگن، نوجوانن ۽ ڪارڪنن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي نظريي جي لاءِ دلين کي گرمايو ۽ تحريڪ هلائي ۽ ڏينهن رات آزادي جي لاءِ آواز اٿاريو، ڀارت جي ڏاڍ جو ڀرپور مقابلو ڪيو. و??ير??عظم چيو ته اسان آسيه اندرابي، ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق، شبير احمد شاهه، مسرت عالم ڀٽ کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ڪيترائي سال دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ مصيبتون ۽ ظلم برداشت ڪيو. انهن جي گهرڀاتين کي انهن سان ملڻ نه ڏنو ويو. انهن فوجي گهيراءُ ۾ اهو ظلم برداشت ڪيو پر پنهنجو ڪنڌ نه جهُڪايو ۽ ظلم جي باوجود ??شم??ر بڻجندو پاڪستان جي وڏا نعرا هنيا. انهن نعرن جي گونج کي روڪڻ جي لاءِ ڀارتي فوج سمورا حربا استعمال ڪيا ۽ سمورا ظلم ڪيا پر ان جذبي ڀارت جي سمورين ڪاررواين کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. و??ير??عظم چيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ??شم??رين جو رت رنگ لائيندو. هن چيو ته اسان اڄ سردار ابراهيم خان، سردار عبدالقيوم خان، سردار سڪندر حيات خان سميت سمورن مرحوم قائدين کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي سڄي عمر ??شم??ر ڪاز جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ڀارت جي ظلم جي ا??يان ڪنڌ نه جهڪائيندڙ ڪارڪنن کي پڻ سلام پيش ڪريون ٿا. و??ير??عظم شهباز شريف چيو ته اڄ فلسطيني پڻ پنهنجي آزادي جي لاءِ جانيون ڏئي رهيا آهن، غزه ۾ ظلم ڪيو پ??و وڃي. 40 هزار فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو آهي. اسڪولن ۽ اسپتالن کي نشانو بڻايو پ??و وڃي، اسرائيلي فوج جيڪو ظلم ڪري رهي آهي ان کان بدترين ظلم جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي پر فلسطيني ڀائرن جي قربانين جي عزم ۾ ڪا گهٽتائي ناهي آئي. و??ير??عظم چيو ته ??شم??ري ۽ فلسطينين جون قربانيون جلد رنگ لائيندون. هن چيو ته اسرائيل جي و??ير??عظم پنهنجي فوج جي ذريعي جهڙي طرح جا ظلم فلسطين ۾ ڪيا آهن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو آهي ۽ انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي توهين ڪئي آهي ان جو به مثال نه ٿو ملي. و??ير??عظم چيو ته تهران ۾ اسماعيل هنيه کي شهيد ڪيو ويو. پاڪستان سميت اسلامي ملڪن نه رڳو سوڳ ملهايو پر ان جي ڀرپور مذمت ڪئي. ان جي غائباني جناز نماز ادا ڪئي وئي. و??ير??عظم چيو ته مسجد اقصيٰ جي امام کي اسماعيل هنيه جي ڳالهه ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته اها ڳالهه ذهن ۾ رکي وڃي ته ڀارت ڪڏهن به ??شم??ر کي پنهنجو حصو نٿو بڻائي سگهي. هو جيترو ظلم ڪري هو ??شم??رين کي غلام نه ٿو رکي سگهي. و??ير??عظم چيو ته هڪ ڏينهن ايندو ته اسرائيل ۽ ڀارت کي انهن ظلمن جو جواب ڏيڻو پ??ندو ۽ انهن جي ناجائز قبضي کان اتان جي عوام کي آزادي ملندي. هن چيو ته اڄ پوري پاڪستاني قوم ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي قدم جي ڀرپور مذمت ڪري رهي آهي. اهو ڏينهن جلد ايندو جڏهن ڀارت کي پنهنجا ڪيل واعدا پورا ڪرڻا پوندا. پاڻ نهرو ??شم??ر ۾ ريفرنڊم جو واعدو ڪيو هو، ان حوالي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون قراردادون پڪاري پڪاري ??شم??رين جو حق ڏيارڻ جي ياد ڏيارين ٿيون. عالمي برادري سميت پاڪستان ۽ ??شم??رين انهن ڀارتي قدمن کي رد ڪري ڪيو. گڏيل قومن ۽ او آءِ سي انهن ڀارتي هڪطرفي قدمن کي رد ڪري چڪي آهي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن دنيا کي واضح پيغام ملڻ گ??رجي ته ڀارت ??شم??رين جي تقدير جو فيصلو هڪطرفي طور نه ٿو ڪري سگهي. ان حوالي سان ڀارت ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهي ته هو ??شم??رين جو حق کسي سگهي ٿو. ??شم??ر هڪ ڏينهن ضرور آزاد ٿيندو ۽ انهن کي انهن جو حق ضرور ملندو. هن چيو ته پاڪستان هڪ ائٽمي طاقت آهي. پاڪستان پنهنجي ائٽمي قوت کي جارحيت جي لاءِ استعمال ڪرڻ جو سوچي به نه، بهتر رستو امن جو رستو آهي ۽ انهن تڪرارن جو گڏجي ويهي حل ڪڍڻ جي لاءِ ڀارت کي هوش کان ڪم وٺڻو پ??ندو. هن چيو ته ڀارت کي ان حقيقت جو ادراڪ آهي ته هو پاڪستان سان اکيون اکين ۾ وجهي ڳالهه نه ٿو ڪري سگهي. الله پاڪستان کي اها طاقت ڏني آهي ته هو پ??هنجي طرف کڄندڙ اک کي جواب ڏي. اهڙي طرح فسلطين جي مسلمانن کي به انهن جو حق ملڻ گ??رجي ته جيئن دنيا ۾ امن ٿئي. ان کانسواءِ سمورا رستا تباهي طرف وڃن ٿا. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن ڀارت ۽ اسرائيل کي اهو پ??غام واضح طور تي پهچندو ته امن جو رستو ئي واحد رستو آهي. ??شم??رين ۽ فلسطينين کي انهن جو بنيادي حق ملڻ گ??رجي.