اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پا??ستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ترڪمانستان جي ڪمپنين کي پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪمانستان جي ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير راشد ميريدوف وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ترڪمانستان جي عظيم اڳواڻ قربان گلي بردي محمدوف سان هن مهيني جي شروع ۾ آ??تانه ۾ ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته هو سندس پا??ستان ۾ استقبال ڪرڻ جو منتظر آهي. وزيراعظم ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي قيادت ۾ پا??ستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي ٽئين دور جي انعقاد تي ا??مينان جو اظهار ڪيو ?? ٻنهي ملڪن جي ا??ارن جي ان عمل ۾ باقاعده شموليت جي اهميت تي زور ڏنو. هن پا??ستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ترڪمان ڪمپنين کي پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وزيراعظم غيرملڪي سيڙپڪارن کي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي خصوصي ڪر??ار تي روشني وڌي. هن علائقائي تعاون ۽ رابطي جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ تاپي گئس پائيپ لائين ۽ ٻين منصوبن جي جلد تڪميل جي لاءِ پا??ستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.