اسلام آباد -20 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار آمريڪي ڪانگريس جي عورت ميمبر شيلا جيڪسن لي جي وف??ت تي افسوس جو اظها?? ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ اسحاق ڊار چيو آهي، ته هڪ ناليواري قانونساز ۽ پاڪستان جي ثابت قدم دوست شيلا جيڪسن لي جي وف??ت جو ٻڌي ڏک پهتو آهي. هن ڪانگريس پاڪستان ڪاڪس جي چيئرپرسن هئڻ ناطي نمايان ڪردار ا??ا ڪيو. پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ ان جي پخ??ي عزم ک?? هميشه ياد رکيو ويندو. هن مرحومه جي خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ اسان ڏکويل ڪٽنب ۽ ان جي چاهيندڙن سان گڏ آهيون.