اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان ٻطرفو واپار ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. توانائي (پيٽروليم ڊويزن) واري وزارت پاران پڌرائي موجب آذربائيجان جي اعليٰ سطحي سرڪاري وفد پيٽروليم واري وفاقي وز??ر ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد سان ملاقات ڪئي. آذربائيجان جي وفد جي قيادت توانائي وارو وز??ر پرويز شهبازوف ڪري رهيو هو. وفد ۾ آذربائيجان جو معيشت وارو نائب وز??ر صاحب ممدوف، ايڪسپورٽ اينڊ انويسٽمينٽ پروموشن ايجنسي بابت ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر يوسف عبدالائيف، آذربائيجان جي سيڙپڪاري ڪمپني جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر الوي منصوروف، ڊيجيٽل ڊيولپينٽ ۽ ٽرانسپورٽ واري وز??ر جو صلاحڪار ايلچن ممدوف، ساڪر ٽريڊنگ جي گلوبل بزنس ڊيولپمينٽ جو سربراهه توگرال ڪوچارلي، انويسٽمنٽ پروموشن ڊپارٽمينٽ جو سينيئر اسپيشلسٽ امين گليئيف جڏهن ته پاڪستاني وفد ۾ بجلي وارو وفاقي وز??ر اويس لغاري، مواصلات ۽ نجڪاري وارو وفاقي وز??ر عبدالعليم خان، واپار وارو وفقي وز??ر ڄام ڪمال خان، نيشنل ڪوآردينيٽر ايس آءِ ايف سي ليفٽيننٽ جنرل سرفراز احمد ۽ وفاقي سيڪريٽريز شامل هئا. ملاقات دوران ڊاڪٽر مصدق ملڪ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مذهب ۽ ثقافتي رابطن جي بنياد تي ??نهي ملڪن جي تاريخي ل??ڳاپن جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ملتان ڪاروان سرائي، صديون پراڻي رشتي جو ثبوت آهي. پاڪستاني وفد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي ل??ڳاپن کي وڌائڻ جي موقعن بابت آگاهه ڪيو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن چيو ته گڏيل لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ل??ءِ اقتصادي رابطن ک?? مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان خطي ۾ واپاري منڊين جي فروغ ۽ وچ ايشيا مان يورپ تائين ڦهليل اقتصادي لنگهن ۾ حصيدار بڻجڻ جو خواهشمند آهي. هن کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات خاص طور تي سون ۽ ٽامي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن جو ذڪر ڪيو، آذربائيجان کي کاڻين جي کوٽائي ۾ مهارت حاصل آهي، هو ان شعبي ۾ پاڪستان سان تعاون کي فروغ ڏئي سگهي ٿو. ملاقات ۾ تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ تعاون تي ??ڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پاڪستان توانائي جي طلب جو تمام وڏو مرڪز آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ گڏجي آءِ ٽي جي صلاحيت خاص طور تي ??صنوعي ذهانت، مشين لرننگ، انساني وسيلن جي تربيت مان فائدو کڻي سگهن ٿا. بجلي واري وفاقي وز??ر اويس خان لغاري بجلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن بابت آگاهه ڪيو جنهن ۾ آذربائيجان جي سيڙپڪاري وڌيڪ منافعو ڏيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿي. واپار واري وفاقي وز??ر ڄام ڪمال خان آذربائيجان جي صدر جي پاڪستان جي تازي دوري دوران طئي ٿيندڙ معاهدن کي ساراهيو. هن نجي شعبي جي ل??ءِ ٺوس بريفنگ جي اهميت تي زور ڏنو. آذربائيجان جي وفد ان سلسلي ۾ پيش ڪئي ويندڙ تجويزن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ورڪنگ گروپس ک?? مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرويز شهبازوف پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن بابت تفصيلي بريفنگ تي ??اڪستاني وفد جا ٿورا مڃيا. هن ورڪنگ گروپ جي جلد اجلاس منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڪستاني وفد پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سيڙپڪاري ۽ ان معاملي ي تيزي سان اڳڀرائي جي ل??ءِ پنهنجي مڪمل عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين فوڪل پروسنز مقرر ڪرڻ، منصوبن جي چونڊ ۽ انهن کي منظوري جي ل??ءِ جلد قيادت آڏو پيش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.