ڪوئيٽا – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪوئيٽا پهچڻ تي بل??چس??ان جي گورنر جعفر خان مندوخيل ۽ بل??چس??ان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اعظم نذير تارڙ، سردار اويس خان لغاري، عطاءُ الله تارڙ، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم سان بل??چس??ان ڪابينا ۽ پارليامينٽ ميمبر ملاقات ڪندا. وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ بل??چس??ان جي آبادگارن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وفاقي ۽ بل??چس??ان حڪومت پاران هڪ تاريخي پئڪيج جو پڻ اعلان ڪندو.