اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته آمريڪي ايوان نمائندگان پاران منظور ڪيل قرارداد 901 ملڪ جي ??ياسي صورتحال ۽ چونڊ عمل بابت ادراڪ جي کوٽ جي ??ڪاس آهي. اڱاري تي آمريڪي ايوان نمائندگان پاران قرارداد جي منظوري جي ??والي سان ميڊيا جي ??والن جي ??واب ۾ پرڏيهي آفيس جي ??رجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي ??ريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ان قرارداد جو نوٽيس ورتو آهي. هن ريمارڪس ڏنا ته اسان سمجهون ٿا ته ان مخصوص قرارداد جو وقت ۽ حقيقت اسان جي ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رخن سان هم آهنگ نه آهي ۽ اها پاڪستان جي ??ياسي صورتحال ۽ چونڊ عمل بابت اڻمڪمل تفهيم کي ظاهر ڪري ٿي. ترجمان چيو ته پاڪستان دنيا ??ي ٻي سڀ کان وڏي پارلياماني جمهوريت ۽ مجموعي طور تي پنجين وڏي جمهوريت جي ??ور تي پنهنجي قومي مفاد موجب آئيني نظام، انساني حقن ۽ قانون جي ??ڪمراني جي قدرن جو پابند آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل احترام ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل تعميري ڳالهه ٻو??هه ۽ رابطن تي يقين رکي ٿو. ان لاءِ اهڙيون قراردادون نه ته تعميري آهن ۽ نه ئي معروضي هونديون آهن. اسان کي اميد آهي ته آمريڪي ڪانگريس پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ معاون ڪردار ادا ڪندي ۽ ٻنهي عوام ۽ ملڪن جي مفاد ۾ گڏيل تعاون جي ??ريقن تي ڌيان ڏيندي.