اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوپ – 29 ۾ شرڪت جي دعوت قبول ڪندي ان حوالي سان آذربائيجان جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پا????ن مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بي??ن موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آذربائيجان جي ماحوليات ۽ قدرتي وسيلن واري وزير مختار بابائيف وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. آذري وزير مختار بابائيف وزيراعظم کي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف پا??ان نومبر 2024ع ۾ باڪو ۾ منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پا??ٽيز 29 (ڪوپ – 29) اجلاس ۾ شرڪت جو دعوتنامو پيش ڪيو. وزيراعظم 29 هين ڪانفرنس آف پا??ٽيز جي دعوتنامي تي آذربائيجان جي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ کيس ۽ آذري عوام کي ڪوپ – 29 جي ميزباني جي لاءِ باڪو جي چونڊ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ڪوپ – 29 هن سال موسمياتي تبديلي جي درپيش چئلينجن تي غور فڪر جي لاءِ عالمي اڳواڻن جو سڀ کان اهم اجتماع آهي. آذري وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪست??ن موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي، 2022ع ۾ پاڪستان هڪ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏنو. وزيراعظم ڪوپ – 29 جي حوالي سان آذربائيجان جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پا????ن مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو. ڪوپ – 29 ۾ شرڪت جي دعوت قبول ڪندي وزيراعظم چيو ته هو ڪوپ – 29 ۾ شرڪت جو منتظر رهندو جتي کيس صدر الهام عليوف سان ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپ??ار?? کي وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه جو موقعو ملندو. وزيراعظم شهباز شريف صدر عليوف کي پاڪستان جو سر??ار?? دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. آذري وزير پاڪستان ۾ پنهنجي ميزباني ۽ ڪوپ – 29 جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جي آڇ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته آذربائيجان پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪندو ته جيئن هڪ اهڙي ايجنڊا طئي ڪري سگهجي جيڪا موسمياتي خطرن ۾ ورتل ملڪن جي ضرورتن جي مناسب عڪاسي ڪري.