اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف سان نيشنل پارٽي جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد محمد ??هباز شريف کي وزارت ??ظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ قانون ۽ ا??صاف جي صورتحال ۽ بلوچستان جي نوجوانن جي مسئلن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم بلوچستان جي نوجوانن کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بلوچ نوجوانن کي روزگار ۽ علم حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي.