برسلز – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پهرين نيوڪليئر انرجي سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ بيلجيئم جي گادي واري شهر برسلز جو دورو ڪيو، پرڏيهي وزير سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ائٽمي ٽيڪنالاج?? جي پرامن استعمال خاص طور تي بجل?? جي پيداوار ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو ذڪر ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن موسمياتي تبديل?? جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ائٽمي توانائ?? جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ موسمياتي آفتن ک??ن شديد متاثر ٿيندڙ ملڪ طور گهٽ ڪاربن توانائ?? جي ذريعن سان گڏ توانائي کي مناسب بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن اسرندڙ ملڪن جي توانائ?? جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فني مدد ۽ گهڻ رخي مالياتي ادارن پاران مالي امداد جي فراهمي سميت عالمي تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. هن سويلين نيوڪليئر ٽيڪنالاج?? جي شعبي ۾ پنهنجي تجربي ۽ مهارت کي ٻين ملڪن خاص طور تي اسرندڙ ملڪن سان شيئر ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيان موجب پرڏيهي وزير آءِ اي اي ا?? جي ڊئريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي سان ملاقات ۾ ائٽمي ٽيڪنالاج?? جي پرامن استعمال ک?? وڌائڻ ۾ آءِ اي اي ا?? جي ڪردار کي ساراهيو. هن انرجي مڪس ۾ ائٽمي توانائ?? جي حصي ک?? وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ايجنس?? جي فني تعاون جي اهميت تي زور ڏنو جنهن ۾ پاڪستان به اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي مالياتي ادارن ۽ بئنڪن کي گهرجي ته اهي اسرندڙ ملڪن ۾ ائٽمي توانائ?? جي منصوبن جي حمايت ڪن ته جيئن اهي پنهنجي توانائ?? جي ضرورتن کي پورو ۽ زيرو اخراج جي هدفن کي حاصل ڪري سگهن. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز جي دوري دوران چين جي نائب وزيراعظم زانگ گوچنگ، آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف، ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان ۽ گڏيل عرب امارات جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر واري وزير الماز روئل سهيل سان پڻ ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ک?? وڌائڻ ۽ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. بيلجيئم جي وزيراعظم ۽ ڊائريڪٽر جنرل عالمي ائٽمي توانائي ايجنس?? جي گڏيل ميزباني ۾ سربراهه اجلاس ائٽمي توانائي ۾ تعاون جي ڳولا، فوسل فيوئل جي استعمال کي گهٽ ڪرڻ ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۾ عالمي اڳواڻن کي شامل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪيو. هي ائٽمي سائنس، ايپلي ڪيشنز ۽ پاور تي عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) سان پاڪستان جي مصروفيت ک?? وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو پڻ هڪ اهم موقعو هو.