اسلام آباد- 11 فيبروري (اي پي پي) سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت پرامن ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري پوري ڪئي آهي، چون??ن جا نتيجا ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته چونڊون شفاف ٿيون آهن، چونڊن واري ڏينهن شهرين، پولنگ عملي ۽ پولنگ اسٽيشنن کي درپيش خطري سبب موبائيل سروس بند ڪئي وئي جنهن جي وضاحت گهرو وزارت ڪري چڪي آهي، اسان لاءِ شهر??ن جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ وڌيڪ اهم هو. اها ڳالهه هن نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چئي. نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊن واري ڏينهن موبائيل سروس جي معطلي بابت گهرو وزارت وضاحت ڪري چڪي آهي، اسان لاءِ شهر??ن جون زندگيون اهم هيون، شهرين ،پولنگ اسٽاف ۽ پولنگ اسٽيشنن کي خطرا هئا، شهر??ن جي چرپر کي محفوظ بڻائڻ اسان لاءِ ضروري هو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چون??ن جي عمل ۽ چون??ن جي تاريخ تي هميشه تڪرار رهيا آهن. 2013ع ۽ 2018ع جي چونڊن تي به تڪرار هئا. هن چيو ته نگران حڪومت اليڪشن ڪم??شن کي چونڊون ڪرائڻ ۾ هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي. اسان پرامن شفاف چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري پوري ڪئي آهي، چون??ن جا نتيجا ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته چونڊون شفاف ٿيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته آئين ۽ قانون تحت اقتدار جي منتقلي جو طريقو موجود آهي، چون??ن جا سرڪاري نتيجا لاڳاپيل اسيمبلين تائين پهچندا ته موجوده اسپيڪرز اسيمبل??ن جو اجلاس گهرائيندا، وز??را??ظم ۽ وز??را??ليٰ جڏهن حلف کڻندا ته نگران حڪومتون پاڻمرادو ختم ٿي وينديون.