اسلام آباد – 12 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران و??اقي وزير مرتضيٰ سولنگي انقلاب اسلامي ايران جي فتح جي سالگرهه تي ايران جي حڪومت ۽ ايراني عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جون حڪومتون ۽ عوام هڪ ٻ??ي سان دوستاڻن لاڳاپن جي اهميت ۽ افاديت کان چڱي ريت واقف آهن. ايراني سفارتخاني جي اهتمام هيٺ ايران انقلاب جي 45 هين سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران و??اقي وزير ايران سان پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ ايران جون حڪومتون ۽ عوام هڪ ٻ??ي سان دوستاڻن لاڳاپن جي اهميت ۽ افاديت کان چڱي ريت واقف آهن. نگران و??اقي وزير چيو ته ايراني قوم پنهنجي جدوجهد ۾ بي شمار مقصد حاصل ڪيا، ايران ترقي ۽ خ??شحالي طرف تيزي سان اڳتي وڌي ره??و آهي.