اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ مالياتي شعبي ۾ ڊيجيٽل تبديلي جي ذريعي معاشري جي محروم طبقن خاص طور تي عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي معيشت جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪر?? تي زور ڏنو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هوسٽنگ بزنس نيٽ 2024ع جي ٽئين ايڊيشن کي خطاب ڪندي ??يو. بزنس نيٽ مالياتي شموليت ۽ ڊيجيٽل تبديلي جي فروغ جو هڪ پليٽ فارم آهي. تقريب ۾ ڪاروباري ۽ سفارتي برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستاني عوام هڪ متحرڪ قوم آهي جنهن کي بي شمار قدرتي وسيلن سان نوازيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان پاڪستان کي عوام جي فڪري ترقي ۽ صلاحيت ۾ اضافي تي سيڙپڪاري ڪر?? جي ضرورت آهي. صدر ڪروڙين نوجوان ووٽرن پاران جمهوري نظام تي اعتماد جي اظهار کي ساراهيو. صدر زور ڏنو ته پاڪستان 2 ڪروڙ 60 لک اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي ت??لي??ي نظام ۾ شامل ڪر?? کانسواءِ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اسان جي آبادي جي ايتري وڏي حصي کي ت??لي?? ڏيڻ جي لاءِ هزارين نوان اسڪول ۽ اضافي وسيلا گهربل هوندا. هن چيو ته جيڪڏهن ان معاملي تي ڌيان نه ڏنو ويو ته پاڪستان خام افرادي قوت کي بنا ڪنهن ويليو ايڊيشن جي ئي برآمد ڪندو. هن چيو ته چين ت??لي?? ۽ صحت تي سيڙپڪاري سان پنهنجي ڪروڙين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو. صدر چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي انٽرنيٽ ووٽنگ (آءِ ووٽنگ) جي ذريعي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن (اي وي ايم) جي استعمال جي لاءِ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي سگهيو پئي. صدر ملڪ جي لاءِ ترجيحن جو تعين ڪر??، سٺا فيصلا ڪر?? ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ انساني وسيلن کي موثر انداز ۾ استعمال ڪر?? جي ضرورت کي اجاگر ??يو. هن چيو ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جو گهٽ تناسب پاڪستان جو هڪ پراڻو مسئلو آهي ۽ ان مسئلي تي ضابطو آڻي پاڪستان غيرملڪي قرضن تي دارومدار گهٽ ڪري سگهي ٿو. صدر چيو ته بئنڪون عورتن کي آسان شرطن ۽ ضابطن تي ڪاروباري قرض فراهم ڪري رهيون آهن جڏهن ته عورتن جي لاءِ مائيڪرو ڪريڊٽ جي سهولت بابت آگاهي جي کوٽ آهي. هن بئنڪن تي زور ڏنو ته اهي عوام دوست مصنوعات ۽ خدمتن جي ذريعي ڏورانهن علائقن ۾ ڪيش ليس بئنڪنگ متعارف ڪرائي پنهنجي پهچ وڌائين. ٽرانسفارمنگ حب جي سي اي او افتخار حسين خطاب ڪندي چيو ته بزنيٽ هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي جنهن تعاون ۽ جدت کي فروغ ڏئي ملڪ جي بهترين دماغن کي هڪ جڳهه تي گڏ ڪيو آهي. هن صارف دوست بئنڪنگ ڏيتي ليتي جي راهه هموار ڪر?? جي لاءِ جديد ترين مالياتي سسٽمز اختيار ڪر?? ۾ بئنڪنگ سيڪٽر جي اهم ڪردار تي روشني وڌي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ايئر لنڪس ڪميونيڪشن جي سي اي او مظفر پراچه چيو ته معيشت جي ڊيجيٽلائيزيشن مالياتي شموليت طرف پهريون قدم آهي ۽ ڊيجيٽلائيزيشن موبائيل ا??ڊسٽري جي ترقي کانسواءِ ممڪن نه آهي. جاز جي چيف ڊيجيٽل آفيسر عامر اعجاز چيو ته پاڪستان ۾ غيردستاويزي معيشت جو ڪاٿو ڪافي وڏو آهي جنهن سان پوري مالياتي نظام کي نقصان ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته رسمي بئنڪنگ چينلز ۽ ادائگين جي گيٽ ويز جي ذريعي مالي شموليت اهڙن مسئلن کي موثر طريقي سان حل ڪري سگهي ٿي ۽ مقامي سطح تي ماڻهن خاص طور تي عورتن کي بااختيار بڻائي سگهي ٿي. ان کان اڳ صدر فني ۽ ڊيجيٽل تبديلي جي ذريعي مالياتي شموليت وڌائڻ جي لاءِ ڪمپنين کي انهن جي خدمتن جي اعتراف ۾ شيلڊز پڻ ڏنيون.