اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊيٽر جنرل آف پاڪس??ان جي ??ردار، سرگرمين ۽ آڊٽ نشاندهين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معيشت جي دستاويزي ۽ حڪومتي ڏيتي ليتي ڊيجيٽل بڻائڻ سان شفافيت کي هٿي ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آڊيٽر جنرل آف پاڪس??ان آفيس جي دوري جي موقعي تي ڪيو. آڊيٽر جنرل آف پاڪس??ان محمد اجمل گوندل صدر کي اداري جي ??ردار ۽ ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان آڊيٽر جنرل آف پاڪس??ان جي ??ارڪردگي ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، قومي خزاني جي صحيح استعمال ۽ شفافيت جي فروغ لاءِ پارلياماني نگراني لازمي آهي. صدر چيو ته حڪومتي مالي انتظام جي نظام کي مستحڪم ڪرڻ ۽ خامين جي نشاندهي ۾ آڊيٽر جنرل جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، حڪومتي خرچن ۾ شفافيت ۽ مالياتي احتساب مضبوط بڻائڻ جي لا??ِ قانوني فريم ورڪ ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. آڊيٽر جنرل آف پاڪس??ان صدر کي مالياتي احتساب جي عمل ۾ اداري جي ??ردار بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته آڊيٽر جنرل آف پاڪس??ان جو ادارو آڊٽ عمل وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لا??ِ قدم کڻي رهيو آهي، آڊيٽر جنرل مالي سال 23 – 2022ع ۾ 95 سيڪڙو ڪمپلائنس آڊٽ مڪمل ڪيا، آڊٽ ۽ اڪائونٽنگ عمل ۾ بهتري سان شفافيت، احتساب ۽ گڊ گورننس کي هٿي ملندي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته جديد ٽيڪنالاجي پليٽ فارمز ۽ مصنوعي ذهانت جي ٽولز کي آڊٽ عمل ۾ شامل ڪرڻ جي لا??ِ قدم جاري آهن، آڊٽ جي عمل جي ??يجيٽلائيزيشن جي لاءِ آڊٽ مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم فعال ڪيو ويو. اڪائونٽنگ عمل جي ??يجيٽلائيزيشن سان پينشنرز کي موثر انداز ۾ رقم جي ادائيگي ۾ مدد ملي آهي. هن چيو ته ڊيجيٽلائيزيشن ۽ اداري جي ??ارڪردگي ۾ اضافي سان شهرين کي س??وس??ئون فائدو پهچندو. آڊيٽر جنرل آف پاڪس??ان حڪومت سميت مختلف ادارن کي آڊٽ جون خدمتون فراهم ڪري رهيو آهي. صدر حڪومتي شعبي ۾ شفافيت ۽ پارلياماني نگراني جي نظام ۾ مدد ۾ آڊيٽر جنرل آف پاڪس??ان جي ??ردار کي ساراهيو.