اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي درپيش صحت جي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ صحت جي عالمي اداري سان حصيداري وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني معاشري ۾ خصوصي ماڻهن جي حقن جي حوالي سان رويي ۾ مثبت تبديلي آئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار صحت جي عالمي اداري جي عهدو ڇڏيندڙ ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن جا حق يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. صدر حڪومتي قدمن جي سپورٽ ڪرڻ ۽ بنيادي صحت جو نظ??م مضبوط بڻائڻ ۾ ڊبليو ايڇ او جي ڪر??ار کي ساراهيو. صدر گهر جي سطح تي ذهني صحت جي اهميت ۽ شروعاتي مشاورت بابت بيداري پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته خاندانن ۾ ذهني ڇڪتاڻ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ذهني صحت جي ٽول ڪِٽ جي دستيابي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا پاڪستان جو صحت جو نظ??م بهتر بڻائڻ ۾ ڊبليو ايڇ او جي ڪر??ار تي روشني وڌي. هن چيو ته صحت جو عالمي ادارو پاڪستاني عوام جي صحت بهتر بڻائڻ جي لاءِ تعاون جاري رکندو. صدر چيو ته ذهني صحت تي معاونت جو نظ??م قائم ڪرڻ، معياري ذهني صحت جي خدمتن تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ ڪيترين ئي ڌرين جي تعاون ۽ خصوصي ماڻهن جا حق يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا بريسٽ ڪينس??، ذهني صحت ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن سميت صحت جي مختلف مسئلن تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ صدر ۽ خاتون اول جي ڪر??ار کي ساراهيو. صدر پاڪستان جي صحت جي شعبي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا جي ڪر??ار ۽ عزم کي ساراهيو.