اسلام آباد-02 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ??اجا پرويز اشرف چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين هميشه ملڪي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ملڪ جي ترقيءَ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين وطن جي نمائندگي بنائڻ پ پ جو اصولي مؤقف آهي. اهڙو اظهار هن لنڊن جي علائقي هونسلو جي ميئر ڪ??نسلر افضل ڪياني جي اڳواڻيءَ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي وف?? سان ملاقات دوران ڪيو. راجا پرويز اشرف سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي بهتر سُڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ملڪ جي بهتر سڃاڻپ اجاگر ڪرڻ جي اهم ذميداري لاڳو ٿئي ٿي. هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪي معيشت کي بهترين سهارو ڏئي رهيا آهن. هن پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ملڪ جي سماجي، اقتصادي شعبي سميت هر شعبي ۾ مثبت ۽ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي دعوت ڏني. اسپيڪر چيو ته پاڪستاني عوام هميشه مختلف شعبن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. هن پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي درپيش چئلينجز کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اسپيڪر چيو ته پاڪستان جي مثبت سُڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملڪي ميڊيا کي پنهنجي ذميدارين جو احساس ڪندي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. لنڊن جي علائقي هونسلو جي ميئر ڪ??نسل افضل ڪياني جي اڳواڻيءَ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي وف?? قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ??اجا پرويز اشرف پاران شاندار استقبال تي ٿورو مڃيو. وف?? جي شرڪت ڪندڙن پرڏيهه ۾ پاڪستاني هاءِ ??مشنرز سان ويجهن رابطن جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. وف?? جي ميمبرن خاص طور تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پرڏيهه ۾ ثقافت جي واڌ ويجهه کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. وف?? جي ٻين ميمبرن ۾ اڳوڻي ميئر هونسلو س??عيه چوڌري، ڪونسلر رياض گل، ڪونسلر ودود مشتاق ۽ چوڌري منظور شامل هئا.