ڪابل – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني ڪالهه جمعي ڏينهن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلمن جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ۽ غيرقانوني ڀارتي قبضي جي خلاف مزاحمت ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ??ي قربانين کي زبردست خراج عقيدت پيش ??يو ويو. صدر، نگران وزيراعظم ?? نگران پرڏيهي وزير جا خصوصي پيغام پڻ پڙهي ٻڌايا ويا. ان موقعي تي ڀارتي قابض فوج پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معصوم مسلما??ن تي ڪيل ظلمن تي هڪ دستاويزي فلم پن ڏيکاري وئي. پنهنجي خطاب ۾ مشن جي سربراهه سفير عبيدالرحمان نظاماڻي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي اڻٿڪ سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.