اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستا??ي يون??ور??ٽين ۽ رهوڊز ٽرس?? جي وچ ۾ تعيلمي رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليمي سفر ۾ شاگردن جي رهنمائي سان انهن جي صلاحيتن کي پوري طرح سان نکارڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رهوڊز ٽرس?? جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سيني?? جي اڳوڻي چيئرمين وسيم سجاد ۽ رهوڊز ٽرسٽ برطانيا جي سي اي او اليزابيٿ ڪِس جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستا??ي يون??ور??ٽين ۽ رهوڊز ٽرس?? جي وچ ۾ تعليمي رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستا??ي يون??ور??ٽين کي ناليوارين يون??ور??ٽين خاص طور تي آڪسفورڊ يون??ور??ٽي سان لاڳاپا وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته رهوڊز ٽرسٽ پاران پاڪستان قائم ٿيڻ کان پاڪستاني شاگردن کي تعليمي وظيفا فراهم ڪرڻ خوش آئنده آهي، رهوڊز ٽرسٽ پاران پاڪستاني شاگردن کي انهن جي تعليمي سفر ۾ معاونت ۽ مشاورت ڪرڻ ساراهه جوڳي آهي. صدر چيو ته تعليمي سفر ۾ شاگردن کي مشاورت ڏيڻ سان انهن جي صلاحيتن کي پوري طرح نکارڻ ۾ مدد ملندي. رهوڊز ٽرس?? جي سي اي او صدر کي تعليمي شعبي ۽ پاڪستاني شاگردن جي وظيفن جي فراهمي ۾ ٽرس?? جي ڪردار بابت ٻڌايو. هن چيو ته پاڪستا??ي يون??ور??ٽين ۽ آڪسفورڊ يون??ور??ٽي جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جا خ??اهشمند آهيون، ٻاهرئين ملڪ تعليم حاصل ڪري معاشري ۾ بهتري آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سياست، قانون، سائنس، فنون لطيفه ۽ سرڪاري شعبي ۾ ڪيترائي پاڪستاني رهوڊز اسڪالرشپ حاصل ڪري چڪا آهن. سيني?? جي اڳوڻي چيئرمين ۽ اڳوڻي وقتي صدر وسيم سجاد، اسلام آباد هاءِ ڪور?? جي جج بابر ستار ۽ شاهد جاويد برڪي سميت ناليواريون پاڪستاني شخصيتون رهوڊز اسڪالرشپ مان فائدو کڻي چڪيون آهن.