اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??اڪستان سعودي ع??ب سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، سعودي ع??ب سدائين مشڪل وقت ۾ پا??ست??ن جو ساٿ ڏنو آهي، ٻئي ڀائر ملڪ مختلف شعبن ۾ بهترين لاڳاپا رکن ٿا ۽ مختلف علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي انهن جا خيال هڪ جهڙا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سعودي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حامد الرويلي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پا??ستان ۾ سعودي سفير نواف بن سعيدالمالڪي پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات ۾ پا??ستان ۽ سعودي ع??ب واپار، معيشت ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ع??م جو ورجاءُ ڪيو. صدر چيو ته ??اڪستان سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي ڇو ته ??لڪ ۾زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي وڏي صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته ??اڪستان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جوڙي اهي ته جيئن فيصلاسازي کي تيز ڪرڻ ۽ چار اهم شعبن ۾ سڌوس??ئو?? پرڏيهي سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ون ونڊو پليٽ فارم طور ڪم ڪري سگهجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??اڪستان سعودي ع??ب جا مختلف شعبن ۾ بهترين لاڳاپا آهن ۽ مختلف علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي انهن جا خيال هڪ جهڙا آهن. صدر ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفا اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ پا??ست??ن جي ع??م جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ??نهي ملڪن جي فوجي قيادت جي اعليٰ سطحي مٽاسٽا سان دفاعي تعاون کي وڌيڪ هٿي ملندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ولي عهد شهزاده محمد بن سلم??ن جي ويزن کي ساراهيو. هن چيو ته سعودي ع??ب ۽ اير??ن جي وچ ۾ لاڳاپا معمول تي آيا ۽ ان سان خطي ۾ امن ۽ خوشحالي به ايندي. صدر چيو ته سعودي ع??ب پا??ستان کي معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مالي مدد فراهم ڪئي. ان موقعي تي سعودي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حامد الرويلي چيو ته ??اڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ م شروع کان ئي مختلف شعبن ۾ ويجها لاڳاپا آهن. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته سعودي ع??ب جو ويزن 2030ع پا??يسري ملڪن سان گڏوگڏ اسلامي دنيا ۾ پڻ خوشحالي آڻيندو.