اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) ڊاڪٽر ڪوثر عبدالله ??لڪ نگران وفاقي وزير جي حيثيت سان حلف کنيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي کانئس حلف ورتو. ڊاڪٽر ڪوثر عبدالله ??لڪ جي بطور نگران وفاقي وزير حلف برداري جي سادي ۽ پروقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ اعليٰ آفيسرن ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علو?? ڊاڪٽر ڪوثر عبدالله ??لڪ کي 9 سيپٽمبر تي نگران وفاقي ڪابينا ۾ وفاقي وزير مقرر ڪيو هو. صدر ائين جي آرٽيڪل 224 (ون اي) تحت نگران وزيراعظم جي ايڊوائيس تي سن??س مقرري ڪئي آهي.