اسلام آباد – 24 – آگسٽ (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عب??س جيلاني سان ايران جي نامزد سفير محمد مدثر ٽيپو ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ايران سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻ??ئڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.