اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ جي ??فد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??فد ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر فاروق ستار، آءِ ٽي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق ۽ سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري شامل هئا. ??فد ستين ڊيجيٽل آدمشماري ۾ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ آدمشماري باب?? انهن جي تجويزن جي شموليت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ان موقعي ت?? وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ستين ڊيجيٽل آدمشماري خيريت سان مڪمل ٿي وئي ۽ نتيجن جي منظوري سمورين سياسي پارٽين جي اتفاق راءِ سان ٿي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي ت??صيلي مشاورت ڪئي وئي. ??فد وزيراعظم کي سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق پاور و??رو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير به موجود هئا.