اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب ملاقات ۾ بلوچستان جي ترقياتي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي دالبندين ايئرپورٽ جي هنگامي بنيادن تي نئين سر تعمير ۽ بحالي تي سينيٽ چيئرمين وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. سينيٽ چيئرمين وزيراعظم جي قيادت ۾ معاشي ٽيم جي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ڪوششن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي ۽ فني تربيت وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما ۽ خاص م??اون عطا تارڙ موجود هئا.