اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان لاهور ۾ سنيما هائوس ۽ ڊجيٽل ريڊيو ليب جو پيڙهه جو پٿر رکڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي و??ير مريم اورنگزيب چيو ته ريڊيو پاڪستان لاهور ۾ سنيما هائوس ۽ ڊجيٽل ليب جو پيڙهه جو پٿر رکڻ تي هو خوشي محسوس ڪري رهي آهي، وفاقي و??ير چيو ته ان قد?? جو مقصد سستي سنيما رسائي متعارف ڪرائي پاڪستان ۾ مووي ميجڪ جي رونق بحال ڪرڻ آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ريڊيو پاڪستان هر پاڪستاني کي عالمي معيار جي تفريح فراهم ڪرڻ لاءِ فلمي تفريحي صنعت ۾ نئين روح وجهڻ ۽ جدت طرازي لاءِ نيشنل ڊجيٽل آرڪائيو، پاڪستان جي موسيقي جي ڌنن جي ميپنگ ۽ عالمي معيار جي پوڊ ڪاس?? اسٽوڊيوز جو سڄي پاڪستان ۾ آغاز ڪري رهيو آهي.