اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو منصوبو اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ وڌيو ويجهيو، گهٽ کان گهٽ وقت ۾ ترقياتي م??صوبو مڪمل ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ٿيو، چيني حڪومت ۽ ڪمپنين پاران 25.4 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري آئي، سي پيڪ جي ايندڙ مرحلن جي لاءِ اسان کي نئين عزم اڳتي وڌڻو آهي ۽ اسپيشل اڪنامڪ زونز قائم ڪرڻ ۽ زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ معدني وسيلن جي ترقي جي م??صوبن تي ڪم ڪرڻو آهي، آءِ ايم ايف سان 12 جولاءِ تي معاهدو ٿي ويندو، پاڪس??ان جي ڊيفالٽ جو پري پري تائين ڪو خدشو نه آهي، مشڪل وقت ۾ چيني حڪومت ۽ دوست ملڪن جا ٿورائتا آه??ون ۽ انهن جي تعاون کي سدائين ياد رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پيڪ جي م??اهمتي ياداشت تي صحيحن جي هڪ ڏهاڪي مڪمل ٿيڻ جي م??قعي تي م??عقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير اسحاق ڊار، احسن اقبال، مريم اورنگزيب، مولانا اسعد محمود، خرم دستگير ک??نسواءِ چيني ناظم الامور پانگ چنشوئي ۽ چين ۽ پاڪس??ان جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 10 سال اڳ 2013ع ۾ مسلم ليگ (ن) چون??ون کٽي اقتدار ۾ آئي ته هن چيني قيادت سان گڏجي اهو منصوبو شروع ڪيو، 5 جولاءِ 2013ع تي بيجنگ ۾ سي پيڪ جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿ??ون ۽ اها پهرين مفاهمت جي ياداشت آهي جنهن حقيقت جو روپ ڌاريو. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ تحت پاڪس??ان ۾ گهٽ ترين وقت ۾ ڪول ۽ هائيڊل جي پاور پراجيڪٽس، اورنج لائين ٽرين ۽ روڊ انفراسٽرڪچر جا منصوبا مڪمل ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ٿيو، پاڪستاني ۽ چيني قيادت ۽ انجنيئرز ۽ پورهيتن ڏينهن رات محنت ڪئي. هن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ ان جي ڪابينا ۽ ٽيم جي م??مبرن کي سي پيڪ جو منصوبو وڌائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيني قيادت ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيا جنهن مشڪل ترين وقت ۾ پاڪس??ان جو ساٿ ڏنو. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي جي لاءِ چين اسان جي لاءِ جيڪو ڪيو، اسان ان کي سدائين ياد رکنداسين. وزيراعظم چيو ته چيني قيادت جا ٿورا ادا ڪرڻ جي لاءِ ان وٽ لفظ نه آهن. وزيراعظم سي پيڪ کي انتهائي شفاف منصوبو قرار ڏيندي چيو ته انتهائي بدقسمتي ۽ افسوس جو مقام آهي ته اڳوڻي حڪومت ان منصوبي مان نه رڳو ڪيڙا ڪڍيا پر بي بنياد الزام هنيا ۽ بدگماني پکيڙي جنهن سان سي پيڪ جي م??صوبن تي ڪم سست ٿي ويو ۽ پاڪس??ان ۽ چين جا لاڳاپا جيڪي هماليه کان به بلند آهن ۽ جن کي ڪڏهن ڪو دشمن به ڪمزور ڪرڻ جو سوچي نه سگهيو، دوست نما دشمنن ان ۾ ڏار وجهڻ ۽ انهن لاڳاپن کي خراب ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي پر اتحادي حڪومت اقتدار سنڀاليندي ئي پاڪ چين لاڳاپن کي ٻيهر بهتر ک??ن بهتر بڻائڻ جي لاءِ مخلصاڻي ڪوششون ڪيون. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته چين سان دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو ۽ سي پيڪ جو منصوبو هاڻي نئون رخ اختيار ڪندو جنهن تحت بي ٽي بي اسپيشل اڪنامڪ زونز قائم ٿيندا جنهن جي ذريعي صنعتڪاري، پيداوار ۽ روانگي واپار ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان ۽ چين جي حصيداري سان زراعت جي شعبي ۾ ترقي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. هن چيو ته اسان جي اتحادي حڪومت ڌرڻن، احتجاج، مظاهرن، ڌمڪين ۽ اڻوڻندڙ حالتن جي باوجود ملڪ ۾ ترقي جي لاءِ ڪم ڪيو، اسان جا دوست نما دشمن سياسي اڳواڻ سيڙپڪاري نه ڪرڻ ۽ پاڪس??ان جي سريلنڪا بڻجڻ جي اڳڪٿ??ون ڪندا رهيا. انشاءَ الله 12 جولاءِ تي آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيڻ وڃي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي گڏجي پاڪس??ان جي معاشي صورتحال کي سنڀالڻو آهي، چين مشڪل ترين وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو ۽ 5 ارب ڊالر فراهم ڪيا، سعودي عرب، يو اي اي ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ به پاڪس??ان جي ڀرپور مدد ڪئي، چين پاڪس??ان جي دوست ملڪن ۽ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جا ٿورائتا آه??ون جن مشڪل وقت ۾ اسان جي مدد ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان کي اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو آهي، اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن جون ڌڄ??ون اڏا??ون پر اسان آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ معاهدي جي پاسداري ڪنداسين، دوست نما دشمن پاڪس??ان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جون بددعائون ڪري رهيا هئا پر الحمدالله 9 مهينن جو پروگرام بڻجي چڪو آهي، پاڪس??ان جي ڊيفالٽ جو پري پري تائين ڪو خدشو نه آهي، هاڻي اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو آهي، محنت ڪرڻي آهي ۽ غريب عوام کي م??انگائي کان بچائڻو آهي، اشرافيه ۽ دولتمند طبقي جو فرض آهي ته اڳتي وڌي ۽ پاڪس??ان ان جو وڃايل مقام واپس ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم سي پيڪ جي ايندڙ مرحلن جي لاءِ نئين عزم سان اڳتي وڌڻ تي زور ڏيندي چيو ته هاڻي اسپيشل اڪنامڪ زونز، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ معدني وسيلن جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، پاڪس??ان ۾ اربين کربين ڊالر جا معدني وسيلا موجود آهن جن کي پاڪس??ان جي عوام ۽ ٻنهي م??ڪن جي بهتري ۽ ترقي جي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. وزيراعظم سالن کان پاڪس??ان ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ چيني انجنيئرز ۽ ڪارڪنن جا پڻ ٿورا مڃيا.