اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف س??ڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته سامونڊي طوفان سان ٺٽي، بدين ۽ س??ڌ جي ڏکڻ اوڀر علائقن بابت خدشن تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادا??ن جي وچ ۾ موثر حڪمت عملي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، لاڳاپيل علائقن مان عوام جي وقت سر محفوظ علائقن ۾ منتقلي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف س??ڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٽيليفون ڪيو ۽ سامونڊي طوفان جي حوالي سان تازه ترين صورتحال ۽ قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪ??ي. ??زيراعظم س??ڌ جي وڏي وزير جي سامونڊي طوفان جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳواٽ انتظامن کي ساراهيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سامونڊي جهازن، مُهاڻن، سامونڊي انفراسٽرڪچر، ٻوڏ جي خطري، ٺٽي، بدين ۽ س??ڌ جي ڏکڻ اوڀر علائقن بابت خدشن تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادا??ن جي وچ ۾ موثر حڪمت عملي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، لاڳاپيل علائقن مان عوام جي وقت سر محفوظ علائقن ۾ منتقلي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم کي لاڳاپيل علائقن ۾ عوام کي اڳواٽ خبردار ڪرڻ ۽ اطلاع پهچائڻ جي حوالي سان قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم هنگامي صورتحال ۾ ضروري سامان، اوزارن ۽ ٻين لاڳاپيل شين جي اڳواٽ انتظامن تي پڻ آگاهي حاصل ڪئي ۽ مڪمل نگراني رکڻ جي هدايت ڪ??ي. ??زيراعظم صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرا??ي. ??زيراعظم چيو ته وفاق جي انتظام ??يٺ سمورا ادارا عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي لاءِ سنڌ حڪومت جي مدد جي لاءِ هر وقت تيار رهن. س??ڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف جي جذبي ۽ فڪرمندي تي ان جا ٿورا مڃيا.