اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ پاڻي شعبي جي8 نئين اسڪيمن جي لاءِ 13 ارب 90 ڪروڙ ر??يا رکيا ويا آهن. جاري ٿيندڙ پي ايس ڊي پي 24 – 2023ع موجب بجيٽ ۾ چشما رائيٽ بينڪ ڪينال پراجيڪٽ جي 10 ڪروڙ، پٽ فيڊر ڪينال جي لاءِ هڪ ارب رپيا، ٻوڏ جي روڪٿام جي منصوبي جي پي سي ون جي لاءِ 10 ارب رپيا، ڪڇي ڪينال منصوبي جي لاءِ هڪ ارب رپيا، ضلعي ڪوهاٽ ۾ سماري پايان ڊ??م جي لاءِ هڪ ارب ر??يا ۽ سوئي ۾ اسريلي ڊ??م جي لاءِ 38 ڪروڙ 57 لک ر??يا رکيا ويا آهن.