پش??ور – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 9 ۽ 10 مئي جي دل ڏکوئيندڙ واقعن پاڪستاني عوام کي ??مگين ڪيو، 9 مئي جي شرپسندن ۽ دهشتگردن ۽ وطن دشمنن ۾ ڪو فرق نه آهي، انهن شرپسندن کي قانون ۽ انصاف موجب سزا ضرور ملندي ته جيئن ڪير ٻيهر اهڙي جرئت نه ڪري سگهي، تاريخي ۽ قومي ورثي کي ??اڙي ڇڏڻ حب الوطني نه آهي، ريڊيو پاڪستان جي ملازمن جي حوصلي کي ??اد ڏيان ٿو، اطلاعات واري وزير ريديو پاڪستان جي متاثر عمارت جي فوري بحالي جي لاءِ قدم کڻي. هو ريڊيو پاڪستان پش??ور جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ڊي جي ريڊيو پاڪستان طاهر حسن پڻ خطاب ڪيو ۽ ريڊيو پاڪستان جي 9 ۽ 10 مئي تي شرپسندن جي هٿان پهچندڙ نقصان ۽ بحالي جي ڪمن تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو گورنر حاجي غلام علي، نگران وڏو وزير، اعظم خان، وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله، اسحاق ڊار، احسن اقبال، صلاحڪار امير مقام ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان سڀ ريڊيو پاڪستان جي تاريخي عمارت کي ڏسي ڏکويل آهيون. هن عمارت ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ريڊيو جو سيٽ اپ موجود هو ۽ هتان ئي لاهور وانگر 13 ۽ 14 آگسٽ 1947ع جي وچ واري رات آزادي جون صدائون بلند ٿيون ۽ پوري دنيا کي ??ن تاريخي مرڪز تان قائداعظم جي عظيم جديد ۽ لکين مسلمانن جي قربانين جي نتيجي ۾ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جي خوشخبري ٻڌائي وئ??. 9 ۽ 10 مئي دوران جيڪي دل ڏکوئيندڙ واقعا ٿيا انهن پاڪستان ۾ رهندڙ 23 ڪروڙ عوام کي ??ديد دلي صدمو پهچايو ۽ ڏک ۽ ڪاوڙ سڄي پاڪستان ۾ ڏٺي وئ??. هن چيو ته جنهن سينٽر تان پاڪستان ٺهڻ جي خوشخبري ٻڌائي وئ?? ان کي ??اک جو ڍير بڻائي ڇڏڻ، ان کان وڌيڪ ملڪ دشمني نه ٿي ٿي سگهي. ان سان گڏ چاغي جي يادگار کي ??باهه ڪيو ويو، يادگار پاڪستان جي دفاعي طاقت جو شاهڪار هو جنهن جي شروعات ذوالفقار علي ڀٽو ڪئي ۽ ان جي انتها 28 مئي 1998ع تي ٿي. ان دوران سمورين حڪومتن ان عظيم دفاعي پروگرام جي لاءِ پنهنجو حصو وڌو. وسيلا ۽ توانائيون مهيا ڪيون. هڪ عزم سان ان منصوبي کي مڪمل ڪيو ۽ انهن سمورين گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ پاڪستان ائٽمي طاقت بڻيو ۽ قيامت تائين دشمن پاڪستان طرف ميري اک سان نه ٿو ڏسي سگهي. ان يادگار کي ??باهه ڪيو ويو. اها ملڪ دشمني آهي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان پش??ور تان پاڪستان جي خوشخبري ٻڌائيندڙ ظهور اظهر، مص??في?? همداني جهڙا ماڻهو تاريخ جي ورقن ۾ سدائين ياد رکيا ويندا. هتي موجود آرڪائيوز کي ??اڙيو ويو. دنيا پنهنجي سڃاڻپ ۽ تاريخي ورثن کي ??ان کان به وڌيڪ ويجهو رکي ٿي ته جيئن ايندڙ نسلون ان مان فيض ياب ٿين ۽ هتي ان ورثي کي ??اڙيو ويو. ڪاش اها ڊيجيٽائيز ٿي چڪي هجي پر وقت ساٿ نه ڏنو. صوة القرآن جو حصو بچي ويو جنهن تي الله جا شڪرگزار آهيون. هن چيو ته 100 سالا رڪارڊ جو تباهه ٿيڻ افسوسناڪ آهي. هن اداري جي ملازمن جي حوصلي کي ??اد ڏيان ٿو. عبدالله ۽ ن??ير جهڙي طرح شرپسندن کي ??وڪيندي زخمي ٿيا انهن جي جرئت ۽ بهادري کي ??لام پيش ڪريون ٿا. اسان جي هٿياربند فوج ۽ عام شهرين سدائين پاڪستان جي حفاظت ڪئي آهي. وزيراعظم ان موقعي تي فوري طور تي ملازمن جي پگهارن جي ادائيگين جا حڪم جاري ڪيا جنهن جو انتظام اڄ ئي ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته ان جو دورو نمائشي نه آهي. ان دل ڏکوئيندڙ واقعن کانپوءِ اسان کي ??ندازو ٿيڻ گهرجي ته جن ماڻهن اهو انتهائي شرمناڪ ڪم ڪيو انهن ۾ ۽ دهشتگردن ۽ پاڪستان جي دشمنن ۾ ڪو فرق نه آهي. وزيراعظم چيو ته اسان اهو وچن ڪريون ٿا ته اهڙي قسم جا واقعا ٻيهر نه ٿيڻ ڏينداسين. دشمن به ايتري جرئت نه ٿو ڪري سگهي. ان شرپسندي ۾ ملوث عنصرن کي قانون موجب ضرور سزا ملندي. وزيراعظم اطلاعات واري وزير کي چيو ته هو ريڊيو جي عمارت جي مرمت جو ڪم فوري شروع ڪرائي ته جيئن هي ادارو ٻيهر پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ اسان جي عزم ۽ ولولي جو ذڪر ڪري سگهي ته مشڪلاتن جي باوجود اسان قائداعظم جي پاڪستان جو خواب ضرور پورو ڪنداسين.