اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت خدمتن جي فراهمي جي پنهنجي ساک کي برقرار رکندي پنهنجي پهرين ??ال ۾ 300 ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي. وزيراعظم 11 اپريل 2022ع تي عهدو سنڀالڻ کان وٺي پاڪستان کي توانائي جي شعبي ۾ پاڻڀرو ڪرڻ جي رستي تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ذميواري پوري ڪندي وڏي اڳڀرائي ڪئي آهي. دستياب انگن اکرن موجب هن گذريل هڪ ??ال ۾ 5 اهم بجلي گهرن جو افتتاح ڪيو، جنهن سان ملڪ جي توانائي جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ??وششن ۾ 3150 ميگاواٽ توانائي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي وئي. اها ڳالهه واضح آهي ته گرمين ۾ پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿئي ٿو ۽ طلب ۽ پهچ جو فرق هزارين ميگاواٽ تائين وڌي وڃي ٿو. توانائي واري وزارت جي انگن اکرن موجب گذريل ??ال آگسٽ ۾ بجلي جي پهچ 20500 ميگاوا?? جي مقابلي ۾ طلب 28 هزار ميگاواٽ تائين پهچي وئي هئي تنهن ڪري موجوده حڪومت گرمين ۾ بجلي جي بحران کي روڪڻ جي لاءِ ڪوئلي جهڙي توانائي جي مق??مي وسيلن جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. وزيراعظم گذريل مهينن ۾ سنڌ جي پنهنجي دورن دوران ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي تي ٻڌل 1980 ميگاوا?? جي ٽن پاور پراجيڪٽس جو افتتاح ڪيو. اهي منصوبا پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي تحت چين جي تعاون سان مڪمل ڪيا ويا. انهن منصوبن ۾ ٿر انرجي جو 330 ميگاواٽ جو پاور پلانٽ، مٺي ۾ 330 ميگاواٽ جو ٿل نووا پاور پلانٽ ۽ ٿر ۾ 1320 ميگاواٽ جو شنگهائي اليڪٽرڪ پاور پلانٽ شامل آهي. ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس هر ??ال اٽڪل 15 ارب يونٽ گهٽ لاڳت جي بجلي پيدا ڪندا. حڪومت ٿر جي 175 بلين ٽن ڪوئلي جي ذخيرن مان فائدو کڻڻ جي خواهشمند آهي ۽ توانائي جي ماهرن موجب جيڪڏهن ذخيرن ۾ صحيح طريقي سان استعمال ڪيو وڃي ته ايندڙ 300 سالن تائين ملڪ جي بجلي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ڪافي هوندو. حڪومت ملڪ جي ??وئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس کي ترتيبوار ٿر جي ??وئلي تي منتقل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد مهانگي درآمدي ڪوئلي تي دارومدار گهٽ ڪرڻ آهي. هن ??ال فيبروري ۾ وزيراعظم ڪراچي نيوڪليئر پاور پلان?? جي ٽئين يونٽ ڪي – ٿري جو پڻ افتتاح ڪيو جيڪو 1100 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندو. ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ 60000 ميگاوا?? جي غيراستعمال شده پن بجلي جي صلاحيت موجود آهي. پن بجلي جي پيداوار طرف اڳڀرائي ڪندي ڊسمبر 2022ع ۾ وزيراعظم منگلا پاور اسٽيشن جي ٻن تجديد شده يونٽن جو افتتاح ڪيو. انهن يونٽس کي آمريڪا جي عالمي ترقي بابت اداري (يو ايس ايڊ) جي مالي معاونت سان اپ گريڊ ڪيو ويو جنهن سان ٽرانسميشن سسٽم ۾ 70 ميگاواٽ بجلي جو اضافو ٿيو آهي. دستياب انگن اکرن موجب پاڪستان جو توانائي جو ساليانو درآمدي بل 27 بلين ڊالر ۽ ڳڻتي جوڳي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ان کي فوري طور تي شمسي، هوا، هائيڊل ۽ نيوڪليئر سميت توانائي جي متبادل مق??مي ذريعن کي ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جو توانائي جو شعبو هن وقت تيل ۽ گئس جي درآمدات تي تمام گهڻو دارومدار ڪري ٿو تنهن ڪري وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت ان دارومدار کي گهٽ ڪرڻ ۽ صاف توانائي جي مق??مي ذريعن طرف وڌڻ جي لاءِ وڏا قدم کنيا آهن. سڀ کان اڳ ترقي بابت سعودي فنڊ (ايس ايف ڊي) اپريل ۾ پاڪستان جي مهمند ملٽي پرپز ڊيم پراجيڪ?? جي لاءِ 240 ملين ڊالر جي قرض معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون. هن مهيني قومي اقتصادي ڪائونسل ??ي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (ايڪنڪ) پڻ 1.2 ٽريلين رپين جي لاڳت جي ديامير ڀاشا هائيڊرو پاور جنريشن پراجيڪ?? جي منظوري ڏني. شهباز شريف حڪومت اڳ ۾ ئي چيني ڪمپنين جي تعاون ۽ سيڙپڪاري حاصل ڪندي پاڪستان ۾ انهن ٻن وڏن هائيڊرو پراجيڪٽس جي تعمير ۾ مصروف آهي ته جيئن گهٽ لاڳت ۽ پائيدار توانائي سان بجلي جي ??وٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي.