اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??مع??ت علماءِ ا??لام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاه تي ويو ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي ع??دالشڪور جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته مفتي ع??دالشڪور ڪابينا جو هڪ اهم ميمبر هو، هو انتهائي سادو ۽ نيڪ انسان هو. هن چيو ته مفتي ع??دالشڪور جي اوچتي حادثي ۾ لاڏاڻي تي دل ڏکويل آهي، مون سميت پوري قوم جون سموريون همدرديون مفتي ع??دالشڪور جي گهرڀاتين سان آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند ۽ سوڳوارن کي ص??ر جميل عطا فرمائي.