ويلنيئس – 21 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري ليٿوا??يا جي پرڏيهي وزير گيبريلس لئنڊسبرگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول واپار، سيڙپڪاري ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي وزيرن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري ۽ ليٿوا??يا جي پرڏيهي وزير گيبريلس لئنڊسبرگ ٻطرفي مشاورتي مڪينزم قائم ڪرڻ بابت معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون.
پرڏيهي وزير ليٿوا??يا جي گادي واري شهر ولنيئس جي تاريخي دوري تي آهي، اهو ڪنهن به پاڪستاني پرڏيهي وزير پاران بالٽڪ علائقي جو پهريون د??رو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري ليٿوا??يا جي پارليامينٽ جو د??رو ڪيو ۽ ليٿوا??يا جي آزادي جي جدوجهد ۾ جانيون قربان ڪندڙن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي.
پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ليٿوا??يا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر وڪٽوريا سميليتي نيلسن سان پڻ ملاقات ڪئي. بلاول ڀ??و زردا??ي عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پارلياماني مٽاسٽا جي اهميت کي ورجايو.
پرڏيهي وزير ليٿوا??يا جي ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات واري وزير ماريئس اسڪوڊيس سان پڻ ملاقات ڪئي. ٻنهي وزيرن ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.