ايبٽ آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي وفاق ۾ چار سال ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 10 سال حڪومت دوران رڳو تباهي ٿي آهي ۽ ا?? جي ڊگهي داستان آهي، آءِ ايم ايف وٽ اتحادي حڪومت نه وئي عمران خان ويو ??و، اسان آءِ ايم ايف پروگرام اڳ ۾ به مڪمل ڪيو ۽ هاڻي به مڪمل ڪنداسين، ملڪي معيشت کي پاڻڀرائپ طرف کڻي وينداسين، صحافين جو تحفظ ۽ انهن کي سمورين سهولت?? جي فراهمي حڪومت جي ??ولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ??ڳواڻ مريم نواز خيبرپختونخواهه ۾ هزاره مان تنظيمي اجلاسن ۽ ورڪرز ڪنوينشنز جي ??روعات ڪئي، هن هتي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪيو، سوشل ميڊيا ونگ جي ??جلاس جي ??دارت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) خاص طور تي نواز شريف جو پوري خيبرپختونخواهه خاص طور تي هزاره جي ??وام سان محبت جو رشتو آهي، جڏهن به مسلم ليگ (ن) جي ??ڪومت اقتدار ۾ آئي سدائين هزاره ۽ خيبرپختونخواهه جي ??رقي جي لاءِ قدم کنيا. هن چيو ته 2014ع ۾ محمد نواز شريف صحت ڪارڊ خيبرپختونخواهه مان جاري ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف ڪجهه عرصو اڳ هزاره اليڪٽرڪ ڪمپني جو افتتاح ڪيو. هن چيو ته هزاره موٽروي نواز شريف جي هزاره جي ??وام سان محبت جي نشاني آهي، شهباز شريف پنجاب کي ترقي يافته بڻايو، انهي طرز تي خيبرپختونخواهه کي ترقي يافته بڻائڻ چاهيون ٿا، جتي ميٽرو، اسپتال، ليبارٽريز، انفارميشن ٽيڪنالاجي ??ا مرڪز، يونيورسٽيون ۽ اسڪولز هجن، گذريل 10 سالن دوران خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي ??ڪومت رهي، اهڙي ڪا اسپتال يا اسڪول ته ڇڏيو ان ۾ ڪو ڪمرو ئي ڏيکاري ڇڏيو جيڪو انهن ٺاهيو هجي. هن چيو ته ايبٽ آباد پريس ڪلب باقي پريس ڪلب?? جي لاءِ هڪ مثال آهي، هزاره پريس ڪلب جي ??حافين جون سموريون ضرورتون پوريون ڪنداسين، جڏهن اسلام آباد ۾ انهن جي ??لف برداري جي ??قريب ٿيندي ته انهن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويندا، پريس ڪلب ۾ جديد اسٽوڊيو جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين ڇو ته پريس ڪلب ۾ اسٽوڊيو ??قت جي ??رورت آهي، هزاره پريس ڪلب جي فرنيچر سميت ٻين ضرورتن جو پڻ جائزو وٺنداسين، هزاره پريس ڪلب جي ??حافي?? جي لاءِ اڳ ۾ ئي فنڊ قائم ڪيو ??يو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ۽ عوام کي مشڪل صور??حا?? درپيش آهي، پي ٽي آءِ جي وفاق ۾ چار سال ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 10 سال حڪومت دوران رڳو تباهي ٿي آهي ۽ ا?? جي ڊگهي داستان آهي. مريم اورنگزيب چيو ته چار سال صحافين سان رستن تي وقت گذاريو، انه?? جي مشڪلاتن جو اندازو آهي، صحافين جي ??يڪيورٽي ۽ سيفٽي جو بل انساني حقن واري وزارت کي موڪليو ??يو ??و اهو واپس اطلاعات واري وزارت وٽ گهرايو ته جيئن ان جا قاعدا ۽ ضابطا ٺاهي عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي، ايندڙ هفتي ا?? جي ڪابينا مان منظوري ورتي ويندي، صحافين جي ??حفظ جي لاءِ انهن جي ??فارشن ۽ مشاورت سان گڏجي ڪم ڪنداسين، هزاره جي ??حافي?? جي نمائندي ثاقب بشير کي ڪميٽي ۾ شامل ڪنداسين. هن چيو ته پيمرا ايڪٽ ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، پهريون ڀيرو ڪائونسل آف ڪمپلينٽس ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس کي نمائندگي ڏني وئي آهي ان سان اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪارڪنن جون شڪايتون حل ٿينديون. هن چيو ته اشتهارن جي ??هتن جي ??دائيگي جي لاءِ چار مهينن جو وقت ڏنو آهي، جيڪو ادارو پگهار نه ڏيندو ان جا اشتهار بند ڪري ڇڏينداسين، ان حوالي سان ترميم وفاقي ڪابينا مان منظور ٿي چڪي آهي ۽ ان کي جلد پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ??يندو. بعد ۾ صحافين جي ??والن جا جواب ڏيندي هن چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار آءِ ايم ايف سان ڳالهين تي ميڊيا کي تفصيلن کان آگاهه ڪيو آهي، ڳالهه ٻولهه جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي، ورچوئل اجلاس سومر کان ٿيندو، طريقيڪار موجب آءِ ايم ايف جي ??يگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيندو جنهن کانپوءِ معاهدي جو باضابطا اعلان ڪيو ??يندو. اطلاعات واري وزير چيو ته اڳوڻي حڪومت مارچ ۾ معاهدي جي ??بتڙ سبسڊي ڏني جڏهن ته عمران خان ان معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون، 2016ع ۾ محمد نواز شريف آءِ ايم ايف سان پروگرام مڪمل ڪيو، ان پروگرام دوران ماني، کنڊ، اٽي، گئس سميت ڪنهن به شيءَ جي قيمت ۾ اضافو نه ٿيو، 5 سالن دوران کنڊ جي قيمت 52 رپيا في ڪلو ۽ اٽي جي قيمت 35 رپيا في ڪلو رهي، هاڻي عمران خا?? جي ٽيم آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪيون، هي مهانگائي انهن جو تحفو آهي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ان جو عوام تي گهٽ کان گهٽ بار پوي ۽ اميد آهي ته معاهدي کانپوءِ ائين ئي ٿيندو. هن چيو ته جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته آءِ ايم ايف سان اهو معاهدو معطل هو، ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو هو، اسان ان معاهدي کي بحال ڪيو، ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو ۽ هاڻي ڳالهيون ڪاميابي سان مڪمل ڪيون آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن پاڻ قومي اسيمبلي تان استعيفائون ڏنيون، ان وقت انهن ڌمالُون هنيُون، پارليامينٽ کي گاريون ڏنيون، امپورٽيڊ چيو، اهي پنهنجي گذريل دور ۾ به پارليامينٽ تي لعنت وجهندا رهيا، اهي هر ڳالهه تي يوٽرن وٺن ٿا، انهن پارليامينٽ تان استعيفائن جو اعلان ڪيو، هاڻي پارليامينٽ ڇا ڪرڻ وڃي رهيا آهن، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته توها?? جي منشا موجب پارليامينٽ هلي، توها?? جي مرضي موجب سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ هلن، اليڪشن ڪميشن توها?? جي ماتحت ادارو نه آهي، اهو آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪري رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت جا صلاحڪار بنا پگهار جي ڪم ڪري رهيا آهن، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ سردار نويد ڪالهه ڪنوينشن ۽ اڄ اجلاس ۾ موجود هو. هڪ ٻئي سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته آءِ ايم ايف وٽ اتحادي حڪومت نه وئي عمران خان ويو ??و، آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪرڻ حڪومت جي ??ميواري هوندي آهي، اسان اڳ ۾ به اهو پروگرام مڪمل ڪيو ۽ هاڻي به مڪمل ڪنداسين، ملڪي معيشت کي پاڻڀرائپ طرف وٺي وينداسين.