اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب جو نگران وڏو و??ير بڻجڻ تي محسن نقوي کي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ??ه اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون موجب پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرري جو فيصلو ڪيو. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي آج??ان ڪريون ٿا، اميد آهي ته شفاف، آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي چونڊن جون سڀئي گهرجون پوريون ٿينديون. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته محسن نقوي آئين جي گهرجن موجب ان ذميواري ۾ سرخرو ٿيندو. هِن چيو ??ه منهنجي دعا آهي ته هو ان آئيني ۽ عوامي فرض ۾ ڪامياب بڻجي. وزيراعظم چيو ??ه پاڪستان مسل?? ليگ (ن) جي صدر طور توهان جي مقرري جي آج??ان ڪريان ٿو. وزيراعظم پنجاب جي نگران وڏي وزير جي لاءِ ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.