اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان چمن ۾ شهري آبادي تي افغان بارڊر فورسز جي اشتعال انگيز ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 6 پاڪستاني شهري فوت ۽ 17 زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ??وج?? اهڙي قسم جا افسوسناڪ و??قعا ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن ??وج?? نه آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته افغان عملدارن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته اهڙن واقعن کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ذميوارن جي خلاف س??ت ترين ڪارروائي ڪئي وڃي. ترجمان چيو ته سرحد تي شهرين جي حفاظت ڪرڻ ٻنهي ڌرين جي ذميواري آهي، ٻنهي م??ڪن جا لاڳاپيل عملدار ڳالهه کي يقين?? بڻائڻ جي لاءِ رابطي ۾ آهن ته صورتحال وڌيڪ خراب نه ٿئي ۽ ته جيئن اهڙن واقعن کان بچي سگهجي.