اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي اوڀر ايشيا جي ٽن ڏينهن جي دوري ٻئي مرحلي ۾ خميس جي رات سنگاپور پهچي ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سنگاپور جي دوري دوران سنگاپور جي صدر حليمه يعقوب ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنن ??ان ملاقات ڪندو. ترجمان موجب پرڏيهي وزير جو ا??ڊونيشيا ۽ سنگاپور جو دورو آسيان ملڪن ??ان لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پاڪستان جي شديد خواهشن جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته انهن ملاقات?? دوران پرڏيهي وزي آسيان ۾ اهم حصيدار سنگاپور ??ان پاڪستان جي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندو. ٻئي ڌريون مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ ٻطرفن لاڳاپن ۾ رفتا وڌائڻ جي قدمن تي خيالن جي ??ي وٺ ڪنديون.