اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم ??نير کي نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو آهي. ان حوالي سان خصوصي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. ??زي??اعظم شهباز شريف به تقريب ۾ شريڪ ٿيو. ان موقعي تي سينيٽ جو چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، وفاقي ??زي??، پارليامينٽ جا ميمبر، سينيئر فوجي ۽ سول آفيسر ۽ سفارتڪار به موجود هئا. صدر عارف علوي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف کي ملڪ جي لاءِ ان جي شاندار خدمتن تي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. جنرل شمشاد مرزا 1987ع ۾ انفن??ري بٽالين ۾ ڪميشن حاصل ڪئي، هن ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان گريجوئيشن ڪئي، هن گرين فيلڊ يونيورسٽي برطانيا مان ايم ايس سي (گلوبل سيڪيورٽي) ڪورس ۾ به شرڪت ڪئي. پنهنجي شاندار فوجي ڪيريئر دوران جنرل ساحر شمشاد مرزا مختلف ڪمانڊ، اسٽاف ۽ انسٽرڪشنل اسائنمينٽس تي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان جي اهم اسٽاف مقررين ۾ ٻه انفن??ري برگيئرز جي برگيڊ ميجر، پاڪستان ڪنٽينجينٽ، گڏيل قومن جي مشن، سير اليون ۾ جنرل اسٽاف آفيسر گريڊ ون (پلانز)، ڊائريڪٽر مل??ري آپريشنز ۽ ڊائريڪٽر جنرل مل??ري آپريشنز، وائيس چيف آف جنرل اسٽاف، ايڊجوائنٽنڊ جنرل ۽ جنرل هيڊڪوارٽر ۾ چيف آف جنرل اسٽاف شامل آهن. اهڙي طرح جنرل سيد عاصم ??نير احمد شاهه اپريل 1986ع ۾ 23 فر??ٽيئر فورس ريجمنٽ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي هئي ۽ هن 17 هين او ٽي ايس ڪ??رس جي اعزازي تلوار حاصل ڪئي، هو فوجي اسڪول جاپان، ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا، ملائيشن آرمڊ فورس ڪ??انڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوالالمپور ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان گريجوئيٽ آهي. هن پبلڪ پاليسي ۽ اسٽريٽجڪ سيڪيورٽي مئنيجمينٽ ۾ ايم فل جي ڊگري به هاصل ڪئي. پنهنجي شاندار فوجي ڪيريئر دوران جنرل عاصم ??نير مختلف ڪمانڊ، اسٽاف ۽ انسٽرڪشنل اسائنمينٽس تي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان جي نمايان اسٽاف مقررين ۾ انفين??ري برگيڊ جي برگيڊ ميجر، چيف آف جنرل اسٽاف سيڪريٽريٽ ۾ جنرل اسٽاف آفيسر گريڊ ٻه، ڊائريڪٽنگ اسٽاف ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۽ چيف آف اسٽاف آف اسٽرائيڪ ڪور شامل آهن. جنرل عاصم ??نير 23 فر??ٽيئر فورس ريجمنٽ انفين??ري برگيڊ، فورس ڪ??انڊ ناردرن ايرياز ۽ 30 ڪور جي ڪمانڊ ڪئي آهي. هو سعودي عرب ۾ پاڪستان جي تربيتي دستي جي قيادت به ڪري چڪو آهي. هن کي ڊائريڪٽر جنرل مل??ري انٽيليجنس ۽ ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيليجنس جي حيثيت سان پاڪستان جي ٻنهي اهم انٽيليجنس ايجنسين جي سربراهي جو منفرد اعزاز به حاصل آهي. چيف آف آرمي اسٽاف جي ترقي ۽ مقرري کان اڳ هو پاڪستان آرمي جي ڪوارٽر ماسٽر جنرل هو، جنرل عاصم ??نير کي جنرل جي عهدي تي ترقي ڏئي 29 نومبر 2022ع تي چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو ويو.