اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته هو ڪابل ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن تي دهشتگرد ح??لي جي معا??لي تي افغان عملدارن سان فعال رابطي ۾ آهي، اميد آهي ته ان ح??لي جي مڪمل جاچ ڪري جوابدارن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد جي مبينا ريمارڪس جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو ته هڪ هڪ جاري جاچ آهي جنهن تي ويجهي کان نظر رکي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي لعنت سان وڙهڻ جي عزم تي قائم آهي. ميڊيا رپورٽس موجب طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پنهنجي ٽوئيٽر هينڊل تي دعويٰ ڪئي ته ط??لبان عملدارن اسلامڪ ا??ٽي?? دهشتگرد گروپ جي هڪ غيرملڪي ڪارڪن کي مبينا طور تي پاڪستان جي اعليٰ سفارتڪار تي قاتلاڻي ح??لي ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي.