شرم الشيخ- 17 نومبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو ??هي ته پاڪستان ۾ گرين انويسٽمينٽ اولين ترجيح آهي، حڪومت فاسل فيول جي استعمال بدران شمسي توانائي کي فروغ ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان حڪومت 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي جو آغاز ڪيو ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڏکڻ آفريقا ۽ اسرندڙ ملڪن بابت فرينڊز آف گريننگ نيشنل انويسٽمينٽ پلان جي حوالي سا?? پينل مباحثي ۾ شرڪت دوران ڪيو. وفاقي وزير چيو ??ه پاڪستان ۾ 20 پٺتي پيل ضلعن کي پائيدار ترقي سا?? اڳتي آڻڻ جو منصوبو شروع ڪيو ويو ??هي، هن چيو ??ه پاڪستان ۾ هر منصوبي جي منظوري لاءِ لازمي آهي ته هو ماحولياتي معيار تي پورو لهي ٿو. پاڪستان جو گلوبل وارمنگ ۾ هڪ سيڪڙو کان گهٽ حصو آهي، پاڪستان هن وقت انهن ست ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي تبديلي جو بدترين شڪار آهن، موسمياتي تبديلي پاڪستان ۾ رڪارڊ گرمي، طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جو سبب بڻي. موسمياتي تبديلي جا اثر افسانو نه پر هڪ حقيقت آهن، موسمياتي تباهي جو پاڪستان ۾ 33 ملين ماڻهن تي سڌو سنئون اثر پيو. وفاقي وزير چيو ??ه عالمي مالياتي نظام موسمياتي تبديلي جي ايجنڊا کي منه?? ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو، عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي سا?? هم آهنگ انفرا اسٽرڪچر لاءِ فنڊ قائم ڪيو وڃي، اسريل ملڪن کي پنهنجي ذميداري پوري ڪرڻي پوندي. ٻي صورت ۾ تباهي انهن کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندي. اسان کي پنهنجي نسلن لاءِ موسمياتي ماحول کي بچائڻو آهي، موسمياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن کي منه?? ڏيڻ لاءِ اسرندڙ ملڪ پنهنجي تجربن جي مٽاسٽا ڪن، هن چيو ??ه برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي آهي، ملڪن کي شديد نقصان پهتو، انفرا اسٽرڪچر ۽ مواصلات جو نظام درهم برهم ٿي ويو ??هي، 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو ۽ سوين قيمتي جانيون ضايع ٿيون، متاثرن جي آبادڪاري لاءِ منصوبابندي ڪئي وئي آهي، وفاقي وزير چيو ??ه اميد ڪريون ٿا ته عالمي ??را??ري نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪمن ۾ پاڪستان جي مدد ڪندي، قدرتي آَفتن کي منه?? ڏيڻ لاءِ لائحه عمل جو دائرو ضلعن تائين وڌايو ويو ??هي.