اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر هڪ ڏينهن جي د??ري تي افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل پهچي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب افغانستان جي معيشت واري نائب وزي?? عبداللطيف نظاري ۽ ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي هيڊ آف مشن عبيدالله رحمان ڪابل پهچڻ تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جي آجيان ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر د??ري دوران افغانستان جي عب??ري حڪومت جي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان سياسي معاملن تي مشاورت ڪندي. ڳالهه ٻولهه ۾ تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون، علائقائي رابطن، عوامي رابطن ۽ علائقائي سلامتي بابت معاملن سميت ٻ??رف?? لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. مملڪتي وزير افغانستان ۾ امن کي مضبوط بڻائڻ ۽ خوشحالي کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي مس??سل عزم ۽ حماي?? کي به ورجائيندي.