اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف افغان گادي واري شهر ۾ تعليمي مرڪز ۾ خودڪش حملي ۾ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان ظلم ۽ ڏاڍ کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي، دهشتگردي جي بدلجندڙ خطري جي خل???? عالمي تعاون مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ڪابل ۾ تعليمي مرڪز ۾ خودڪش حملي ۾ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سوڳوار خاندانن ۽ افغان عوام سان دلي تعزيت ۽ ??مد??دي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته جيئن ته هن گڏيل قومن ??ي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ به چيو هو ته دهشتگردي نه رڳو افغانستان ۽ پاڪستان پر دنيا جي لاءِ خطرو آهي. دهشتگردي جي خطري جي خل???? عالمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.