نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??نگ??ي جي واپار ۽ پرڏيهي وزير پيٽرز زيجارتو سان گڏيل قومن جي جنر?? اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اها ملاقات نيويارڪ ۾ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ??نگ??ي سان ٻطرفن ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن تي غ??ر ڪيو ويو جن ۾ سياسي، اقتصادي، واپاري، ثقافت، دفاع ۽ عوام سان عوام جي رابطن بابت معاملا شامل آهن. ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي ج?? به جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻطرفن واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ تي خصوصي ڌيان ڏيندي پرڏيهي وزير تجويز پيش ڪئي ته ??نگ??ي پاڪستان ۾ سيڙپڪار دوست ماحول مان فائدو کڻي پاڪستاني ڪمپنين سان خاص طور تي خصوصي اقتصادي زونز ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪري سگهي ٿو. ڌرين گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن ج?? به جائزو ورتو.