ثمرقند ??? 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بيلاروس جي صدر اليگزينڊر گريگوري وچ لوڪا شينڪو ثمرقند ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ثمرقند ۾ ٿي. ان موقعي تي وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، خوا??ه محمد آصف ۽ مفتاح اسماعيل پڻ مو??ود هئا.