اسلام آب??د- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وز??ر احسن اقبال سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي ۽ تازي ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. آمريڪي سفير مت??ثرن جي بحالي ۽ امدادي عمل ۾ امداد جي آڇ ڪئي، ان موقعي تي وفاقي وز??ر چيو ته پاڪستان ۾ تازي غير معمولي ٻوڏ واري صورتحال موسمي تبديلي جو نتيجو آهي، رڪارڊ برساتن وڏي پئماني تي تباهي پکيڙي آهي، حڪومت عوام جي جاني ۽ مالي نقصان جو از??لو ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، وفاقي وز??ر چيو ته عالمي برادري جي ڀرپور شرڪت سان چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ گهڻا رخي اقتصادي لاڳاپا آ??ن، پاڪستان جي معيشت کي سخت فيصلن سان صحيح رخ تي گامزن ڪيو آهي.