اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو وزارت آمريڪا، جاپان، فرانس، جرمني ۽ برطانيه سميت ٻين 7 ملڪن جي 15 عالمي اين جي اوز کي پاڪست??ن ??ي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي آهي، انهن اين جي اوز جون پهريان کان پاڪستان ۾ آفيسون موجود هيون، انهن اين جي اوز کي انهن متاثر ما??هن جي مدد، رليف ۽ بحالي جو اين او سي به جاري ڪيو ويو آهي. گهرو وزارت جي ترجم??ن ??ي پي پي کي ٻڌايو ته پاڪست??ن ??ي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن لاءِ ٽير فنڊ (برطانيه)، سڪيور اسلامڪ ??رانس (فرانس)، مرسي ڪارپس (آمريڪا)، لائف لائن ڪرسچن ڊولپمينٽ سروسز (جرمني)، مسلم هينڊز (برطانيه) سي بي ايم اي ڊاٽ وي ڊاٽ (جرمني)، ترڪي معرف فائونڊيشن (ترڪي)، ڪيٿلڪ رليف سروسز (آمريڪا)، اي اي آر جاپان (جاپان)، ڪي اين ڪي جاپان (جاپان)کي ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جي ڪمن جي اجازت لاءِ گهرو وزارت خميس ڏ??نهن باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اهي انٽرنيشنل اين جي اوز پهرين کان پاڪستان وٽ رجسٽرڊ آهن، کين صرف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو، رليف، بحالي ۽ امدادي ڪمن لاءِ اجازت ڏني وئي آهي.