سرينگر- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض انتظاميه آزادي جي تحريڪ جي عظيم قائد سيد علي گيلاني جي پهرين ورسي تي اڄ ماڻهن کي سرينگر جي علائقي حيدر پوره ۾ سندس ??بر تي فاتحه خواني کان روڪڻ ??اء?? سخت پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن، ڪشمير ميڊيا سروس موجب وادي ڪشمير ۾ ڪيترن ئي جاين تي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن ??تي ماڻهن ??ي تلاشي ورتي پئي وڃي، حيدر پوره ۾ به وڏي تعداد ۾ ڀارتي فوج ۽ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن ??ه جيئن ماڻهن کي شهيد اڳواڻ جي ??بر تي فاتحه خواني ڪرڻ کان روڪي سگهجي. ڪنهن کي به علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. والاريل علائقي ۾ سيد علي گيلاني جي ورسي جي تي اڄ جي هڙتال جي ڪال ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني آهي، سيد علي گيلاني جي روح جي ايصال ثواب ??اء?? وادي ڪشمير ۽ ڄمون خطي جي مختلف حصن ۾ دعائن جون ويهڪون ٿيون.