چارسده – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب متاثر هر خاندان کي 25 هزار رپيا ڏيڻ جو عمل 3 سيپٽمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو، فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10 لک رپيا ڏنا پيا وڃن، سنڌ جي ل??ءِ 15 ارب رپيا جڏهن ته بلوچستان جي ل??ءِ 10 ارب رپين جي گرانٽ ڏني آ??ي، خيبرپختونخواهه ۾ متاثر علائقن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ گرانٽ جو اعلان ڪنداسين، ٻوڏ ۽ برساتن کان متاثر آخري شخص جي بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين. وزي??اع??م ٻوڏ ۽ برساتن کان متاثر خيبرپختونخواهه جي ضلعي چارسده جو دورو ڪيو جتي وزي??اع??م متاثرين جي ل??ءِ قائم امدادي ڪئمپن جو دورو ۽ متاثرين جي ل??ءِ ڪئمپن ۾ سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي وزي??اع??م ڪئمپ ۾ موجود ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. وزي??اع??م متاثرين ۾ چيڪ پڻ ورهايا. وزي??اع??م کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته 16 لک جي آبادي ۽ ٽن تعلقن تي ٻڌل چارسده مان ٽي درياءَ گذرن ٿا، هتي متاثرين جي ل??ءِ خيما بستيون قائم ڪيون ويون آهن، ان ضلعي ۾ برساتن سان 5 فوتگيون جڏهن ته 180 ماڻهو زخمي ٿيا، هتي نقصانن جي سروي جاري آ??ي، 11 هزار ايڪڙ ڪپهه جي زمين برسات کان متاثر ٿي. ان موقعي تي اڳوڻي وفاقي وزير آفتاب احمد خان شيرپائو، عوامي نيشنل پارٽي جي صوبائي صدر ايمل ولي خان، جمعيت علم??ءِ اسلام (ف) جي مرڪزي اڳواڻن وزي??اع??م کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ ضمني چونڊن جي ل??ءِ جلسا ته ڪري رهي آهي جڏهن ته ڪوهستان ۾ ڦاٿل 5 ماڻهن کي ڪڍڻ جي ل??ءِ انهن جو هيليڪاپٽر نه آيو جڏهن ته ڊي سي ۽ اي سي صوبائي حڪومت سان ان حوالي سان رابطو پڻ ڪيو، هاڻي اطلاعات واري صوبائي وزير بيان ڏنو ??هي ته وڏي وزير جو هيليڪاپٽر ان ڪم جي ل??ءِ نه آهي. هن وزي??اع??م کي چيو ته توهان اڳ ۾ خادم پنجاب هئا هاڻي خادم پاڪستان آهيو، اسان کي توهان مان اميدون آهن، صوبائي حڪومت مان ڪا اميد نه آهي. وزي??اع??م چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر خاندان ۾25 هزار رپين جي روڪ رقم جي ورڇ 3 سيپٽمبر تائين مڪمل ڪئي ويندي ان جي ل??ءِ 28 ارب رپيا رکيا ويا آهن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي انگن اکرن تحت هتي پئسا ورهايا پيا وڃن. هن چيو ته نوشهره ۾ به روڪ رقم جي ورڇ جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي. وزي??اع??م چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي آ??ي، وفاق سنڌ جي ل??ءِ 15 ارب جڏهن ته بلوچستان جي ل??ءِ 10 ارب رپيا مهيا ڪيا آهن، ڪالام، ڪوهستان سميت ٻين متاثر علائقن جود ورو ڪرڻ کانپوءِ خيبرپختونخواهه ۾ ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ کانپوءِ گرانٽ جو اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته هو نوشهره مان به ٿي آيو آ??ي، کيس ٻڌايو ويو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هتي 5 کان 6 فوٽ پاڻي چڙهيو جيڪو هاڻي لهي ويو آ??ي، اهو الله جو نظام آهي. هن چيو ته في خاندان 25 هزار رپيا پوري پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ برساتن کان متاثر ماڻهن ۾ ورهايا پيا وڃن، چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان م اهو پروگرام جاري آ??ي، خيبرپختونخواهه ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سان 242 ماڻهو فوت ٿيا آهن، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، ڪالام، سوات، دير ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي آ??ي، فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10، 10 لک رپيا في ڪس ڏئي رهيا آهيون، ايين ڊي ايم اي ۽ صوبن سان گڏجي متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. هن يقين ڏياريو ته وفاق متاثرين سان گڏ آ??ي، آخري متاثر شخص جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين. هن چيو ته ٻوڏ سبب فصلن کي پهچندڙ نقصان جو ڪاٿ لڳايو پيو وڃي، صوبن سان گڏجي جيستائين ممڪن ٿيو انهن جي نقصان جو ازالو ڪنداسين. وزي??اع??م ان موقعي تي ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ۽ مرحومن جي ل??ءِ فاتحه خواني ڪئي.